ست سُر ست ڏينهن

ست سُر ست ڏينهن

ست سُر ست ڏينهن

ست سُر، ست ڏينهن (ڪتاب): هي ناول، نامور ليکڪا ريٽا شهاڻيءَ جو لکيل آهي، جنهن جو انتساب هن پنهنجي عزيز، مهربان، محسن، دوست ۽ رهبر شاعر هري دلگير جي نالي ڪيو آهي. هن ناول جي ڪهاڻي ان جي انگريز نائڪا آز يءَ جي ڀارت ۾ وسڻ، پيار ۽ مقامي ماڻهن سان رشتن ناتن تي آڌارت آهي.
اهڙيءَ طرح هن ناول ۾ ليکڪا، ڪردارن جي احساسن کي نهايت وڻندڙ انداز ۾ بيان ڪيو آهي. ناول جي پيشڪش، مڪالماتي ٻولي ۽ واقعاتي تسلسل ناول کي انفرادي نوعيت جو بڻائي ڇڏيو آهي. ڊاڪٽر نارائڻ ڀارتيءَ ۽ موهن مدهوش جا ڪتاب تي رايا به ڏنل آهن.
ڊيمي سائيز جي خوبصورت ٽائيٽل واري 118 صفحن تي مشتمل هن ڪتاب جو ٽائيٽل موهن مدهوش (حيدرآباد، سنڌ) جو ٺاهيل آهي، جڏهن ته سورڻ ڪلا پرنٽرس، پوني طرفان 2006ع ۾ ڇپايو ويو آهي ۽ ان جي قيمت 100 روپيا آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو